Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #129 Translated in Sindhi

قَالَ رَبِّ لِمَ حَشَرْتَنِي أَعْمَىٰ وَقَدْ كُنْتُ بَصِيرًا
چوندو اي منھنجا پالڻھار! مون کي اَنڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس
قَالَ كَذَٰلِكَ أَتَتْكَ آيَاتُنَا فَنَسِيتَهَا ۖ وَكَذَٰلِكَ الْيَوْمَ تُنْسَىٰ
(الله) چوندو تہ ايئن آھي، تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين
وَكَذَٰلِكَ نَجْزِي مَنْ أَسْرَفَ وَلَمْ يُؤْمِنْ بِآيَاتِ رَبِّهِ ۚ وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبْقَىٰ
۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نہ مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ جٽادار آھي
أَفَلَمْ يَهْدِ لَهُمْ كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِنَ الْقُرُونِ يَمْشُونَ فِي مَسَاكِنِهِمْ ۗ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِأُولِي النُّهَىٰ
(ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نہ ڏيکاريو ڇا تہ کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون جن جي جاين ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن
وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَبِّكَ لَكَانَ لِزَامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نہ ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نہ ھجي ھا تہ ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا

Choose other languages: