Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #15 Translated in Sindhi

فَلَمَّا أَتَاهَا نُودِيَ يَا مُوسَىٰ
پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) اُن کي سڏيو ويو تہ اي موسىٰ
إِنِّي أَنَا رَبُّكَ فَاخْلَعْ نَعْلَيْكَ ۖ إِنَّكَ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى
بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇو تہ تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين
وَأَنَا اخْتَرْتُكَ فَاسْتَمِعْ لِمَا يُوحَىٰ
۽ مون تو کي چونڊيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي ٿو سو ٻُڌ
إِنَّنِي أَنَا اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا أَنَا فَاعْبُدْنِي وَأَقِمِ الصَّلَاةَ لِذِكْرِي
سچ پچ آءٌ الله آھيان، مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نہ آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر
إِنَّ السَّاعَةَ آتِيَةٌ أَكَادُ أُخْفِيهَا لِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍ بِمَا تَسْعَىٰ
بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن جي (وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو تہ جيئن ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس محنت جو بدلو ڏجي

Choose other languages: