Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #80 Translated in Sindhi

قَالَ أَنَا خَيْرٌ مِنْهُ ۖ خَلَقْتَنِي مِنْ نَارٍ وَخَلَقْتَهُ مِنْ طِينٍ
ابليس چيو تہ، آءٌ اُن کان ڀَلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي
قَالَ فَاخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ
(الله) چيو تہ، (بس ھينئر ئي) اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين
وَإِنَّ عَلَيْكَ لَعْنَتِي إِلَىٰ يَوْمِ الدِّينِ
۽ بيشڪ تو تي جزا جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي
قَالَ رَبِّ فَأَنْظِرْنِي إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
(اُن) چيو تہ، اي منھنجا پالڻھار! تڏھن اِنھيءَ ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي، (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن
قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِينَ
الله فرمايو تہ، (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين

Choose other languages: