Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #8 Translated in Sindhi

وَعَجِبُوا أَنْ جَاءَهُمْ مُنْذِرٌ مِنْهُمْ ۖ وَقَالَ الْكَافِرُونَ هَٰذَا سَاحِرٌ كَذَّابٌ
۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو تہ عجب ڪرڻ لڳا ۽ (اھي) ڪافر چوڻ لڳا تہ، ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي
أَجَعَلَ الْآلِهَةَ إِلَٰهًا وَاحِدًا ۖ إِنَّ هَٰذَا لَشَيْءٌ عُجَابٌ
ڀلا (ڏسو تہ) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھيءَ ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي
وَانْطَلَقَ الْمَلَأُ مِنْهُمْ أَنِ امْشُوا وَاصْبِرُوا عَلَىٰ آلِهَتِكُمْ ۖ إِنَّ هَٰذَا لَشَيْءٌ يُرَادُ
۽ منجھانئن (سکرن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي تہ ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي پڪا رھو، بيشڪ ھن (نئين دين ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي
مَا سَمِعْنَا بِهَٰذَا فِي الْمِلَّةِ الْآخِرَةِ إِنْ هَٰذَا إِلَّا اخْتِلَاقٌ
اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نہ ٻڌي سون، ھيءُ تہ رڳو ٺاھ آھي
أَأُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْ بَيْنِنَا ۚ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِنْ ذِكْرِي ۖ بَلْ لَمَّا يَذُوقُوا عَذَابِ
اسان مڙني جي وچان مٿس ئي قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھي (ڪافر) منھنجيءَ نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن (نہ!) بلڪ اڃان منھنجو عذاب نہ چکيو اٿن

Choose other languages: