Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #9 Translated in Sindhi

قَالَ رَبِّ إِنِّي دَعَوْتُ قَوْمِي لَيْلًا وَنَهَارًا
(نوح) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس
فَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَائِي إِلَّا فِرَارًا
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نہ وڌايو
وَإِنِّي كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوا أَصَابِعَهُمْ فِي آذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَأَصَرُّوا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا
۽ بيشڪ مون جڏھن بہ انھن کي سڏيو تہ (اُھي توبھ ڪن ۽ تون) انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا (پاڻ تي) ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون
ثُمَّ إِنِّي دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو
ثُمَّ إِنِّي أَعْلَنْتُ لَهُمْ وَأَسْرَرْتُ لَهُمْ إِسْرَارًا
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھيءَ طرح (بہ) چيم

Choose other languages: