Quran Apps in many lanuages:

Surah Nooh Ayahs #5 Translated in Sindhi

إِنَّا أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ أَنْ أَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ أَنْ يَأْتِيَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو تہ پنھنجي قوم کي، انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار
قَالَ يَا قَوْمِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُبِينٌ
چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوھان جو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقُوهُ وَأَطِيعُونِ
(۽ چوانوَ ٿو) تہ الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ (ان ڳالھ ۾) منھنجو چيو مڃيو
يَغْفِرْ لَكُمْ مِنْ ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ إِلَىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ۚ إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذَا جَاءَ لَا يُؤَخَّرُ ۖ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُونَ
تہ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، ڇو تہ جڏھن الله جو ٺھرايل وقت ايندو، (تڏھن) ان کي ڍر نہ ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (تہ اِن ڳالھ کي ياد رکو)
قَالَ رَبِّ إِنِّي دَعَوْتُ قَوْمِي لَيْلًا وَنَهَارًا
(نوح) چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس

Choose other languages: