Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #119 Translated in Sindhi

وَاصْبِرْ فَإِنَّ اللَّهَ لَا يُضِيعُ أَجْرَ الْمُحْسِنِينَ
۽ صبر ڪر ڇو تہ الله ڀلارن جو اجر نہ وڃائيندو آھي
فَلَوْلَا كَانَ مِنَ الْقُرُونِ مِنْ قَبْلِكُمْ أُولُو بَقِيَّةٍ يَنْهَوْنَ عَنِ الْفَسَادِ فِي الْأَرْضِ إِلَّا قَلِيلًا مِمَّنْ أَنْجَيْنَا مِنْهُمْ ۗ وَاتَّبَعَ الَّذِينَ ظَلَمُوا مَا أُتْرِفُوا فِيهِ وَكَانُوا مُجْرِمِينَ
پوءِ اوھان کان اڳ اڳين صدين وارن مان (گھڻا) سمجھ ڀريا ڇو نہ ٿيا؟ جو (ماڻھن کي) ملڪ ۾ فساد (وجھڻ) کان جھلين ھا پر ڪي ٿورڙا ٿيا جن کي منجھانئن بچايوسون، ۽ جيڪي ظالم ھئا سي جنھن (مال) ۾ آسودا ڪيا ويا تنھن جي پٺيان لڳا ۽ اُھي ڏوھاري ھئا
وَمَا كَانَ رَبُّكَ لِيُهْلِكَ الْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا مُصْلِحُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار اھڙو نہ آھي جو ڳوٺن (وارن) کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي
وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النَّاسَ أُمَّةً وَاحِدَةً ۖ وَلَا يَزَالُونَ مُخْتَلِفِينَ
۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا تہ (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي امت ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين اختلاف ڪندا رھندا
إِلَّا مَنْ رَحِمَ رَبُّكَ ۚ وَلِذَٰلِكَ خَلَقَهُمْ ۗ وَتَمَّتْ كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ
پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ الله پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو (ھيءُ) ٻول پورو ٿيو تہ جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس

Choose other languages: