Quran Apps in many lanuages:

Surah Hud Ayahs #121 Translated in Sindhi

وَمَا كَانَ رَبُّكَ لِيُهْلِكَ الْقُرَىٰ بِظُلْمٍ وَأَهْلُهَا مُصْلِحُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار اھڙو نہ آھي جو ڳوٺن (وارن) کي سندن سڌريل رھاڪُن ھوندي ظلم سان ناس ڪري ڇڏي
وَلَوْ شَاءَ رَبُّكَ لَجَعَلَ النَّاسَ أُمَّةً وَاحِدَةً ۖ وَلَا يَزَالُونَ مُخْتَلِفِينَ
۽ جيڪڏھن تنھنجو پالڻھار گھري ھا تہ (سڀني) ماڻھن کي ھڪ ئي امت ڪري ھا ۽ (اُھي) سدائين اختلاف ڪندا رھندا
إِلَّا مَنْ رَحِمَ رَبُّكَ ۚ وَلِذَٰلِكَ خَلَقَهُمْ ۗ وَتَمَّتْ كَلِمَةُ رَبِّكَ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْجِنَّةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ
پر جن تي تنھنجي پالڻھار رحم ڪيو (سي ھڪ ئي مذھب تي رھندا)، ۽ کين انھيءَ لاءِ الله پيدا ڪيو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جو (ھيءُ) ٻول پورو ٿيو تہ جنن ۽ ماڻھن مان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس
وَكُلًّا نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنْبَاءِ الرُّسُلِ مَا نُثَبِّتُ بِهِ فُؤَادَكَ ۚ وَجَاءَكَ فِي هَٰذِهِ الْحَقُّ وَمَوْعِظَةٌ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
۽ (اي پيغمبر!) پيغمبرن جي خبرن مان تو وٽ ايترو بيان ڪريون ٿا جنھن سان تنھنجي دل کي مضبوط ڪريون، ۽ اُنھن (خبرن) ۾ حق ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت ۽ سمجھاڻي تو وٽ آئي آھي
وَقُلْ لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ اعْمَلُوا عَلَىٰ مَكَانَتِكُمْ إِنَّا عَامِلُونَ
۽ (اي پيغمبر) جيڪي نہ مڃيندا آھن تن کي چئو تہ اوھين پنھنجي جاءِ تي عمل ڪريو، اسين (بہ) عمل ڪندڙ آھيون

Choose other languages: