Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #11 Translated in Sindhi

الَّذِينَ لَا يُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُمْ بِالْآخِرَةِ هُمْ كَافِرُونَ
جيڪي زڪوٰة نہ ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (بہ) نہ مڃيندا آھن
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي
قُلْ أَئِنَّكُمْ لَتَكْفُرُونَ بِالَّذِي خَلَقَ الْأَرْضَ فِي يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُونَ لَهُ أَنْدَادًا ۚ ذَٰلِكَ رَبُّ الْعَالَمِينَ
(اي پيغمبر کين) چئو تہ، اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي
وَجَعَلَ فِيهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبَارَكَ فِيهَا وَقَدَّرَ فِيهَا أَقْوَاتَهَا فِي أَرْبَعَةِ أَيَّامٍ سَوَاءً لِلسَّائِلِينَ
۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس پڪا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جو قُوۡت مقرر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي
ثُمَّ اسْتَوَىٰ إِلَى السَّمَاءِ وَهِيَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْأَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا أَوْ كَرْهًا قَالَتَا أَتَيْنَا طَائِعِينَ
وري آسمان ڏانھن توجہ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو، پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين تہ خوشيءَ سان خواھ مجبوريءَ سان (وجود ۾) اچو، (ٻنھي) چيو تہ خُوشيءَ سان آياسون

Choose other languages: