Quran Apps in many lanuages:

Surah At-Talaq Ayahs #12 Translated in Sindhi

أَعَدَّ اللَّهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا ۖ فَاتَّقُوا اللَّهَ يَا أُولِي الْأَلْبَابِ الَّذِينَ آمَنُوا ۚ قَدْ أَنْزَلَ اللَّهُ إِلَيْكُمْ ذِكْرًا
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب (يعني قرآن) نازل ڪيو آھي
رَسُولًا يَتْلُو عَلَيْكُمْ آيَاتِ اللَّهِ مُبَيِّنَاتٍ لِيُخْرِجَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنَ الظُّلُمَاتِ إِلَى النُّورِ ۚ وَمَنْ يُؤْمِنْ بِاللَّهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ۖ قَدْ أَحْسَنَ اللَّهُ لَهُ رِزْقًا
(۽) پيغمبر (بہ موڪليو اٿس) جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (گمراھيءَ جي) اونداھين کان (ھدايت جي) سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، اُتي ھميشہ رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱيءَ طرح ٺاھي آھي
اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ وَمِنَ الْأَرْضِ مِثْلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الْأَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوا أَنَّ اللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ وَأَنَّ اللَّهَ قَدْ أَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا
الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون بہ (بڻايائين) اُنھن (ٻنھي آسمانن ۽ زمينن) جي وچ ۾ (سڀڪنھن ڪم جي رٿ جو) حُڪم نازل ٿيندو آھي، (اِھو ھن لاءِ بيان ڪيوسون) تہ (اوھين) ڄاڻو تہ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي ۽ (پڻ ڄاڻو) تہ الله (پنھنجي) علم سان سڀڪنھن شئي کي وڪوڙيو آھي

Choose other languages: