Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #7 Translated in Sindhi

فِي أَدْنَى الْأَرْضِ وَهُمْ مِنْ بَعْدِ غَلَبِهِمْ سَيَغْلِبُونَ
ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي پنھنجي ھيڻي ٿيڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا
فِي بِضْعِ سِنِينَ ۗ لِلَّهِ الْأَمْرُ مِنْ قَبْلُ وَمِنْ بَعْدُ ۚ وَيَوْمَئِذٍ يَفْرَحُ الْمُؤْمِنُونَ
ٿورن ورھين ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا
بِنَصْرِ اللَّهِ ۚ يَنْصُرُ مَنْ يَشَاءُ ۖ وَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي
وَعْدَ اللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ اللَّهُ وَعْدَهُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نہ ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
يَعْلَمُونَ ظَاهِرًا مِنَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ عَنِ الْآخِرَةِ هُمْ غَافِلُونَ
ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن

Choose other languages: