Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #9 Translated in Sindhi

بِنَصْرِ اللَّهِ ۚ يَنْصُرُ مَنْ يَشَاءُ ۖ وَهُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ
الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي
وَعْدَ اللَّهِ ۖ لَا يُخْلِفُ اللَّهُ وَعْدَهُ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نہ ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
يَعْلَمُونَ ظَاهِرًا مِنَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَهُمْ عَنِ الْآخِرَةِ هُمْ غَافِلُونَ
ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن
أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا فِي أَنْفُسِهِمْ ۗ مَا خَلَقَ اللَّهُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَأَجَلٍ مُسَمًّى ۗ وَإِنَّ كَثِيرًا مِنَ النَّاسِ بِلِقَاءِ رَبِّهِمْ لَكَافِرُونَ
پنھنجين دلين ۾ نہ پروڙيائون ڇا؟ تہ الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نہ بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن
أَوَلَمْ يَسِيرُوا فِي الْأَرْضِ فَيَنْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِينَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۚ كَانُوا أَشَدَّ مِنْهُمْ قُوَّةً وَأَثَارُوا الْأَرْضَ وَعَمَرُوهَا أَكْثَرَ مِمَّا عَمَرُوهَا وَجَاءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ ۖ فَمَا كَانَ اللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَلَٰكِنْ كَانُوا أَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
مُلڪ ۾ نہ گھميا آھن ڇا، جو نھارين تہ جيڪي کانئن اڳ ھئا تن جي پڇاڙي ڪھڙيءَ طرح ٿي؟ جي کانئن وڌيڪ سگھ وارا ھئا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اھا جيڪي پاڻ آباد ڪيائون، تنھن کان وڌيڪ اُھا اُنھن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نہ ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي

Choose other languages: