Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #14 Translated in Sindhi

ثُمَّ كَانَ عَاقِبَةَ الَّذِينَ أَسَاءُوا السُّوأَىٰ أَنْ كَذَّبُوا بِآيَاتِ اللَّهِ وَكَانُوا بِهَا يَسْتَهْزِئُونَ
وري جن بڇڙائي ڪئي، تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي، ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھئا
اللَّهُ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ ثُمَّ إِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو، وري ان کي ٻيھر بڻائيندو، وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ
وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نااُميد ٿيندا
وَلَمْ يَكُنْ لَهُمْ مِنْ شُرَكَائِهِمْ شُفَعَاءُ وَكَانُوا بِشُرَكَائِهِمْ كَافِرِينَ
۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبہ انھن کي سفارش ڪرڻ وارو نہ ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايلن) شريڪن جا منڪر ٿيندا
وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَتَفَرَّقُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، تنھن ڏينھن (ماڻھو) ڌاروڌار ٿيندا

Choose other languages: