Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #16 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يُبْلِسُ الْمُجْرِمُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نااُميد ٿيندا
وَلَمْ يَكُنْ لَهُمْ مِنْ شُرَكَائِهِمْ شُفَعَاءُ وَكَانُوا بِشُرَكَائِهِمْ كَافِرِينَ
۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبہ انھن کي سفارش ڪرڻ وارو نہ ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايلن) شريڪن جا منڪر ٿيندا
وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَتَفَرَّقُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، تنھن ڏينھن (ماڻھو) ڌاروڌار ٿيندا
فَأَمَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَهُمْ فِي رَوْضَةٍ يُحْبَرُونَ
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا
وَأَمَّا الَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَلِقَاءِ الْآخِرَةِ فَأُولَٰئِكَ فِي الْعَذَابِ مُحْضَرُونَ
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا

Choose other languages: