Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #39 Translated in Sindhi

وَإِنِّي مُرْسِلَةٌ إِلَيْهِمْ بِهَدِيَّةٍ فَنَاظِرَةٌ بِمَ يَرْجِعُ الْمُرْسَلُونَ
۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي، پوءِ ڏسان تہ قاصد ڇا سان موٽن ٿا
فَلَمَّا جَاءَ سُلَيْمَانَ قَالَ أَتُمِدُّونَنِ بِمَالٍ فَمَا آتَانِيَ اللَّهُ خَيْرٌ مِمَّا آتَاكُمْ بَلْ أَنْتُمْ بِهَدِيَّتِكُمْ تَفْرَحُونَ
پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو تہ، اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ پوءِ جيڪي مونکي الله ڏنو آھي، سو اُنھي کان ڀلو آھي، جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿا ٿيو ٿا
ارْجِعْ إِلَيْهِمْ فَلَنَأْتِيَنَّهُمْ بِجُنُودٍ لَا قِبَلَ لَهُمْ بِهَا وَلَنُخْرِجَنَّهُمْ مِنْهَا أَذِلَّةً وَهُمْ صَاغِرُونَ
(سندن سوکڙين سميت) اُنھن ڏانھن موٽي وڃ، (اسين) بيشڪ اھڙا لشڪر وٽن آڻينداسون، جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نہ ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي ذليل ھوندا
قَالَ يَا أَيُّهَا الْمَلَأُ أَيُّكُمْ يَأْتِينِي بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَنْ يَأْتُونِي مُسْلِمِينَ
(سليمان) چيو تہ، اي سردارؤ! اوھان مان ڪو اُنھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ سندس تخت مون وٽ آڻيندو؟
قَالَ عِفْرِيتٌ مِنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ تَقُومَ مِنْ مَقَامِكَ ۖ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ
جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو تہ، تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين، تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان

Choose other languages: