Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Naml Ayahs #18 Translated in Sindhi

وَجَحَدُوا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَا أَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَعُلُوًّا ۚ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِينَ
۽ بي انصافيءَ ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون، حالانڪ سندن دلين اُنھن کي پڪ ڄاتو ھو (تہ الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس تہ فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي
وَلَقَدْ آتَيْنَا دَاوُودَ وَسُلَيْمَانَ عِلْمًا ۖ وَقَالَا الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي فَضَّلَنَا عَلَىٰ كَثِيرٍ مِنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِينَ
۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو تہ، سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي فضيلت ڏني آھي
وَوَرِثَ سُلَيْمَانُ دَاوُودَ ۖ وَقَالَ يَا أَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَأُوتِينَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۖ إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِينُ
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين تہ اي ماڻھؤ! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري ويئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اِھا ئي پڌري ڀلائي آھي
وَحُشِرَ لِسُلَيْمَانَ جُنُودُهُ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا، پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھئا
حَتَّىٰ إِذَا أَتَوْا عَلَىٰ وَادِ النَّمْلِ قَالَتْ نَمْلَةٌ يَا أَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوا مَسَاكِنَكُمْ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمَانُ وَجُنُودُهُ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
تان جو جڏھن ڪِولين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِول چيو تہ اي ڪِوليون! اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو تہ سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نہ لتاڙين

Choose other languages: