Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #91 Translated in Sindhi

وَأَلْقَوْا إِلَى اللَّهِ يَوْمَئِذٍ السَّلَمَ ۖ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
اُنھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلجي ويندو
الَّذِينَ كَفَرُوا وَصَدُّوا عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ زِدْنَاهُمْ عَذَابًا فَوْقَ الْعَذَابِ بِمَا كَانُوا يُفْسِدُونَ
جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھئا
وَيَوْمَ نَبْعَثُ فِي كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا عَلَيْهِمْ مِنْ أَنْفُسِهِمْ ۖ وَجِئْنَا بِكَ شَهِيدًا عَلَىٰ هَٰؤُلَاءِ ۚ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ تِبْيَانًا لِكُلِّ شَيْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
۽ اُن ڏينھن ھر ٽوليءَ ۾ سندن جنس مان مٿن شاھد بيھارينداسون ۽ (اي پيغمبر!) تو کي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شئي جي وضاحت لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ تو تي ڪتاب نازل ڪيوسون
إِنَّ اللَّهَ يَأْمُرُ بِالْعَدْلِ وَالْإِحْسَانِ وَإِيتَاءِ ذِي الْقُرْبَىٰ وَيَنْهَىٰ عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنْكَرِ وَالْبَغْيِ ۚ يَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ برائيءَ ۽ زبردستيءَ کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو تہ منَ اوھين نصيحت وٺو
وَأَوْفُوا بِعَهْدِ اللَّهِ إِذَا عَاهَدْتُمْ وَلَا تَنْقُضُوا الْأَيْمَانَ بَعْدَ تَوْكِيدِهَا وَقَدْ جَعَلْتُمُ اللَّهَ عَلَيْكُمْ كَفِيلًا ۚ إِنَّ اللَّهَ يَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي پاڻ ۾) انجام ڪريو (تڏھن اُھو) انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نہ ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، ڇو تہ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي

Choose other languages: