Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #87 Translated in Sindhi

يَعْرِفُونَ نِعْمَتَ اللَّهِ ثُمَّ يُنْكِرُونَهَا وَأَكْثَرُهُمُ الْكَافِرُونَ
الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نہ مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن
وَيَوْمَ نَبْعَثُ مِنْ كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا ثُمَّ لَا يُؤْذَنُ لِلَّذِينَ كَفَرُوا وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
۽ جنھن ڏينھن سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نہ ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا
وَإِذَا رَأَى الَّذِينَ ظَلَمُوا الْعَذَابَ فَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُمْ وَلَا هُمْ يُنْظَرُونَ
۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کانئن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي
وَإِذَا رَأَى الَّذِينَ أَشْرَكُوا شُرَكَاءَهُمْ قَالُوا رَبَّنَا هَٰؤُلَاءِ شُرَكَاؤُنَا الَّذِينَ كُنَّا نَدْعُو مِنْ دُونِكَ ۖ فَأَلْقَوْا إِلَيْهِمُ الْقَوْلَ إِنَّكُمْ لَكَاذِبُونَ
۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن بتن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا تہ اي اسان جا پالڻھار! ھي اسان جا اُھي بت آھن جن کي تو کانسواءِ سڏيندا ھئاسين، پوءِ اُھي (بُت) اُنھن کي ورندي ڏيندا تہ اوھين ڪُوڙا آھيو
وَأَلْقَوْا إِلَى اللَّهِ يَوْمَئِذٍ السَّلَمَ ۖ وَضَلَّ عَنْهُمْ مَا كَانُوا يَفْتَرُونَ
اُنھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھئا سو کانئن ڀُلجي ويندو

Choose other languages: