Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #10 Translated in Sindhi

وَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْأَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَجُنُودَهُمَا مِنْهُمْ مَا كَانُوا يَحْذَرُونَ
۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھئا
وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ أُمِّ مُوسَىٰ أَنْ أَرْضِعِيهِ ۖ فَإِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَأَلْقِيهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِي وَلَا تَحْزَنِي ۖ إِنَّا رَادُّوهُ إِلَيْكِ وَجَاعِلُوهُ مِنَ الْمُرْسَلِينَ
۽ موسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون تہ اُن کي کير پيار، پوءِ جڏھن مٿس خطرو ڀانئين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇو تہ اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون
فَالْتَقَطَهُ آلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُونَ لَهُمْ عَدُوًّا وَحَزَنًا ۗ إِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَجُنُودَهُمَا كَانُوا خَاطِئِينَ
پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي کڻي ورتو تہ (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، يقيناً فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھئا
وَقَالَتِ امْرَأَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّتُ عَيْنٍ لِي وَلَكَ ۖ لَا تَقْتُلُوهُ عَسَىٰ أَنْ يَنْفَعَنَا أَوْ نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ فرعون جي زال چيو تہ، ھيءُ ڇوڪر منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نہ ڪُھو، منَ اسان کي فائدو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نہ ڄاڻندا ھئا
وَأَصْبَحَ فُؤَادُ أُمِّ مُوسَىٰ فَارِغًا ۖ إِنْ كَادَتْ لَتُبْدِي بِهِ لَوْلَا أَنْ رَبَطْنَا عَلَىٰ قَلْبِهَا لِتَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
۽ موسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، اھا ان راز کي ظاھي ڪرڻ تي ھئي، جيڪڏھن سندس دل کي اسين مضبوط نہ ڪريون ھا، (ھن لاءِ) تہ يقين ڪندڙن مان ٿئي

Choose other languages: