Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #12 Translated in Sindhi

فَالْتَقَطَهُ آلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُونَ لَهُمْ عَدُوًّا وَحَزَنًا ۗ إِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامَانَ وَجُنُودَهُمَا كَانُوا خَاطِئِينَ
پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي کڻي ورتو تہ (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، يقيناً فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھئا
وَقَالَتِ امْرَأَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّتُ عَيْنٍ لِي وَلَكَ ۖ لَا تَقْتُلُوهُ عَسَىٰ أَنْ يَنْفَعَنَا أَوْ نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ فرعون جي زال چيو تہ، ھيءُ ڇوڪر منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نہ ڪُھو، منَ اسان کي فائدو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نہ ڄاڻندا ھئا
وَأَصْبَحَ فُؤَادُ أُمِّ مُوسَىٰ فَارِغًا ۖ إِنْ كَادَتْ لَتُبْدِي بِهِ لَوْلَا أَنْ رَبَطْنَا عَلَىٰ قَلْبِهَا لِتَكُونَ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ
۽ موسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، اھا ان راز کي ظاھي ڪرڻ تي ھئي، جيڪڏھن سندس دل کي اسين مضبوط نہ ڪريون ھا، (ھن لاءِ) تہ يقين ڪندڙن مان ٿئي
وَقَالَتْ لِأُخْتِهِ قُصِّيهِ ۖ فَبَصُرَتْ بِهِ عَنْ جُنُبٍ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
۽ موسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين تہ، سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نہ ٿي ڄاتو
وَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ أَدُلُّكُمْ عَلَىٰ أَهْلِ بَيْتٍ يَكْفُلُونَهُ لَكُمْ وَهُمْ لَهُ نَاصِحُونَ
۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون، پوءِ ڀيڻس چيو تہ (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن

Choose other languages: