Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qalam Ayahs #41 Translated in Sindhi

أَمْ لَكُمْ كِتَابٌ فِيهِ تَدْرُسُونَ
اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو؟
إِنَّ لَكُمْ فِيهِ لَمَا تَخَيَّرُونَ
تہ بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو
أَمْ لَكُمْ أَيْمَانٌ عَلَيْنَا بَالِغَةٌ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ ۙ إِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُونَ
اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا؟ جو اھي قيامت تائين ھلندا تہ بيشڪ جيڪو حڪم ڪندؤ سو ئي اوھان کي ملندو
سَلْهُمْ أَيُّهُمْ بِذَٰلِكَ زَعِيمٌ
(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ تہ انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذميوار آھي؟
أَمْ لَهُمْ شُرَكَاءُ فَلْيَأْتُوا بِشُرَكَائِهِمْ إِنْ كَانُوا صَادِقِينَ
انھن (مشرڪن) جا ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن تہ جڳائين تہ ڀل پنھنجن شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين

Choose other languages: