Surah Al-Maeda Ayahs #4 Translated in Sindhi
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا أَوْفُوا بِالْعُقُودِ ۚ أُحِلَّتْ لَكُمْ بَهِيمَةُ الْأَنْعَامِ إِلَّا مَا يُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ غَيْرَ مُحِلِّي الصَّيْدِ وَأَنْتُمْ حُرُمٌ ۗ إِنَّ اللَّهَ يَحْكُمُ مَا يُرِيدُ
اي ايمان وارؤ! (پنھنجن) انجامن کي پاڙيو، جيڪي اوھان تي پڙھبو تنھن کانسواءِ (ٻيا) چوپايا ڍور اوھان لاءِ حلال ڪيا ويا آھن پر اوھين احرام وارا ٿي شڪار کي حلال سمجھندڙ نہ ٿيو، ڇو تہ الله جيڪي گھرندو آھي سو حُڪم ڪندو آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تُحِلُّوا شَعَائِرَ اللَّهِ وَلَا الشَّهْرَ الْحَرَامَ وَلَا الْهَدْيَ وَلَا الْقَلَائِدَ وَلَا آمِّينَ الْبَيْتَ الْحَرَامَ يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنْ رَبِّهِمْ وَرِضْوَانًا ۚ وَإِذَا حَلَلْتُمْ فَاصْطَادُوا ۚ وَلَا يَجْرِمَنَّكُمْ شَنَآنُ قَوْمٍ أَنْ صَدُّوكُمْ عَنِ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ أَنْ تَعْتَدُوا ۘ وَتَعَاوَنُوا عَلَى الْبِرِّ وَالتَّقْوَىٰ ۖ وَلَا تَعَاوَنُوا عَلَى الْإِثْمِ وَالْعُدْوَانِ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۖ إِنَّ اللَّهَ شَدِيدُ الْعِقَابِ
اي ايمان وارؤ! (اوھين) نڪي الله جي عبادت جي نشانين جي بي تعظيمي ڪريو ۽ نڪي تعظيم واري مھيني جي ۽ نڪي (ڪعبي ڏانھن موڪليل) قربانيءَ (جي جانور) جي ۽ نڪي قلائد (الله لاءِ نذر ڪيلن جانورن جي ڳچين ۾ ٻڌلن پٽن) جي ۽ نڪي اُنھن ماڻھن جي (بي تعظيمي ڪريو) جيڪي پنھنجي پالڻھار جو فضل ۽ رضامندي گھرندڙ ٿي تعظيم واري گھر (بيت الله) ڏانھن پيا وڃن، ۽ جڏھن اوھين احرام کوليو تڏھن (ڀَلي) شڪار ڪريو، ۽ اوھان کي انھن ماڻھن جي دشمني جن اوھان کي تعظيم واري مسجد (حرام) کان جھليو ھن ڳالھ جو سبب نہ ٿئي جو (اوھين) حد کان لنگھو، ۽ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ تي ھڪٻئي سان تعاون ڪريو، ۽ گناھ ۽ زيادتي تي ھڪ ٻئي سان تعاون نہ ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو ڇو تہ الله سخت عذاب ڪرڻ وارو آھي
حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِيرِ وَمَا أُهِلَّ لِغَيْرِ اللَّهِ بِهِ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيحَةُ وَمَا أَكَلَ السَّبُعُ إِلَّا مَا ذَكَّيْتُمْ وَمَا ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَنْ تَسْتَقْسِمُوا بِالْأَزْلَامِ ۚ ذَٰلِكُمْ فِسْقٌ ۗ الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ دِينِكُمْ فَلَا تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ ۚ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الْإِسْلَامَ دِينًا ۚ فَمَنِ اضْطُرَّ فِي مَخْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِإِثْمٍ ۙ فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
اوھان تي حرام ڪجي ٿو مُئل جانور ۽ (سير جو) رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شئي کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وَڃي (يعني الله کان سواءِ ٻئي جي نالي مڃتا ڪيل ھجي) ۽ گھُٽو ڏيئي ماريل ۽ ڌڪ سان مُئل ۽ ڪِرڻ سان مُئل ۽ ڍور جي اُکل سان مُئل (حرام ڪجي ٿو) ۽ جيڪو (جانور ڪنھن) ڦاڙيندڙ کاڌو (سو بہ) پر جنھن کي (مرڻ کان اڳ) ذبح ڪيوَ (سو حرام نہ آھي) ۽ جو (جانور) آستانن تي ذبح ڪجي (سو حرام ڪجي ٿو) ۽ اوھانجو تيرن سان وراھڻ (بہ)، اِھي (مڙئي) گناھ جا ڪم آھن، اڄ ڪافر اوھان جي دين کان نااُميد ٿيا تنھنڪري کانئن نہ ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو، اڄ اوھان جو دين اوھان لاءِ ڪامل ڪيم ۽ اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوھان لاءِ دين اسلام پسند ڪيم پوءِ جيڪو گناھ ڏانھن نہ لاڙو ڪندڙ ٿي بک ۾ لاچار ٿئي ( ۽ مٿين حرام شين مان ڪجھ کائي تہ روا آھي)، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
يَسْأَلُونَكَ مَاذَا أُحِلَّ لَهُمْ ۖ قُلْ أُحِلَّ لَكُمُ الطَّيِّبَاتُ ۙ وَمَا عَلَّمْتُمْ مِنَ الْجَوَارِحِ مُكَلِّبِينَ تُعَلِّمُونَهُنَّ مِمَّا عَلَّمَكُمُ اللَّهُ ۖ فَكُلُوا مِمَّا أَمْسَكْنَ عَلَيْكُمْ وَاذْكُرُوا اسْمَ اللَّهِ عَلَيْهِ ۖ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ سَرِيعُ الْحِسَابِ
(اي پيغمبر!) تو کان پڇن تہ اُنھن لاءِ ڪھڙيون شيون حلال ڪيون ويون آھن، چئو تہ اوھان لاءِ (سڀ) سُٺيون (شيون) حلال ڪيون ويون آھن ۽ (اُھو شڪار بہ حلال آھي) جيڪي شڪاري جانورن کي شڪار سيکاريندڙ ٿي (اوھان) سيکاريو آھي (يعني) جيڪي الله (شڪار ڪرڻ جو دستور) اوھان کي سيکاريو تنھن مان انھن کي سيکاريو ھجي تہ جيڪو (شڪار اُھي) اوھان لاءِ جھلين تنھن مان کائو ۽ اُن (جانور کي بڇڻ مھل) تي الله جو نالو (يعني بسم الله الله اڪبر) چئو ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله ستت حساب وٺندڙ آھي
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
