Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #44 Translated in Sindhi

فَعَسَىٰ رَبِّي أَنْ يُؤْتِيَنِ خَيْرًا مِنْ جَنَّتِكَ وَيُرْسِلَ عَلَيْهَا حُسْبَانًا مِنَ السَّمَاءِ فَتُصْبِحَ صَعِيدًا زَلَقًا
تہ اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان ڀلو مونکي ڏي ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري صاف ميدان ٿي پَوي
أَوْ يُصْبِحَ مَاؤُهَا غَوْرًا فَلَنْ تَسْتَطِيعَ لَهُ طَلَبًا
يا سندس پاڻي سُڪي وڃي پوءِ اُن کي ڪڏھن لھي نہ سگھين
وَأُحِيطَ بِثَمَرِهِ فَأَصْبَحَ يُقَلِّبُ كَفَّيْهِ عَلَىٰ مَا أَنْفَقَ فِيهَا وَهِيَ خَاوِيَةٌ عَلَىٰ عُرُوشِهَا وَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُشْرِكْ بِرَبِّي أَحَدًا
۽ سندس ميوي کي چَٽُ ڪيو ويو پوءِ اُن (جي بڻائڻ) ۾ جيڪي خرچ ڪيو ھئائين تنھن تي پنھنجا ھٿ مَليندو رھيو ۽ اُھو (باغ) پنھنجين (بڻايل) ڇپرن سميت ڪريل ھو ۽ چوندو رھيو تہ افسوس آھي پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن کي شريڪ مُقرر نہ ڪريان ھا! (تہ چڱو ھو)
وَلَمْ تَكُنْ لَهُ فِئَةٌ يَنْصُرُونَهُ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَمَا كَانَ مُنْتَصِرًا
۽ نڪي اہن لاءِ ڪا جماعت ھئي جو الله کانسواءِ کيس مدد ڏئي ۽ نڪي (پاڻ) بدلو وٺڻ وارو ھو
هُنَالِكَ الْوَلَايَةُ لِلَّهِ الْحَقِّ ۚ هُوَ خَيْرٌ ثَوَابًا وَخَيْرٌ عُقْبًا
ان ھنڌ سچي الله جي بادشاھي آھي، اُھو ثواب (ڏيڻ) ۾ ڀلو ۽ بدلي ڏيڻ ۾ (بہ) ڀلو آھي

Choose other languages: