Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #19 Translated in Sindhi

مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ۖ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو، تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ
وَلَقَدْ آتَيْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنَاهُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ وَفَضَّلْنَاهُمْ عَلَى الْعَالَمِينَ
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون
وَآتَيْنَاهُمْ بَيِّنَاتٍ مِنَ الْأَمْرِ ۖ فَمَا اخْتَلَفُوا إِلَّا مِنْ بَعْدِ مَا جَاءَهُمُ الْعِلْمُ بَغْيًا بَيْنَهُمْ ۚ إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِي بَيْنَهُمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِيمَا كَانُوا فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نہ ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي، تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ھاٺ سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھئا، تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو
ثُمَّ جَعَلْنَاكَ عَلَىٰ شَرِيعَةٍ مِنَ الْأَمْرِ فَاتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَاءَ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
وري (اي پيغمبر!) تو کي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون، تنھنڪري (تون) اُن (دين) جي تابعداري ڪر، ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھن، تن جي سَڌن پٺيان نہ لڳ
إِنَّهُمْ لَنْ يُغْنُوا عَنْكَ مِنَ اللَّهِ شَيْئًا ۚ وَإِنَّ الظَّالِمِينَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَاءُ بَعْضٍ ۖ وَاللَّهُ وَلِيُّ الْمُتَّقِينَ
ڇو تہ اھي الله جي آڏو توکان ڪجھ بہ ٽاري نہ سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي

Choose other languages: