Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Jathiya Ayahs #15 Translated in Sindhi

هَٰذَا هُدًى ۖ وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِنْ رِجْزٍ أَلِيمٌ
ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي
اللَّهُ الَّذِي سَخَّرَ لَكُمُ الْبَحْرَ لِتَجْرِيَ الْفُلْكُ فِيهِ بِأَمْرِهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
الله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو تہ سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو
وَسَخَّرَ لَكُمْ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا مِنْهُ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي، سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن، جي سوچيندا آھن
قُلْ لِلَّذِينَ آمَنُوا يَغْفِرُوا لِلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ أَيَّامَ اللَّهِ لِيَجْزِيَ قَوْمًا بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
مؤمنن کي چئو تہ جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نہ رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن تہ اِنھيءَ سببان جو جيڪي ڪمايو ھئائون (اُنھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي
مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِهِ ۖ وَمَنْ أَسَاءَ فَعَلَيْهَا ۖ ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو، تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ

Choose other languages: