Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Insan Ayahs #25 Translated in Sindhi

عَالِيَهُمْ ثِيَابُ سُنْدُسٍ خُضْرٌ وَإِسْتَبْرَقٌ ۖ وَحُلُّوا أَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍ وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابًا طَهُورًا
مٿانئن سنھي سائي پَٽ جا ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا ۽ چانديءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو
إِنَّ هَٰذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاءً وَكَانَ سَعْيُكُمْ مَشْكُورًا
(چيو ويندن تہ) بيشڪ اِھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جي محنت قبول ڪيل آھي
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ تَنْزِيلًا
بيشڪ اسان تو تي قرآن درجي بدرجي لاٿو
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تُطِعْ مِنْهُمْ آثِمًا أَوْ كَفُورًا
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نہ مڃ
وَاذْكُرِ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر

Choose other languages: