Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Infitar Ayahs #9 Translated in Sindhi

عَلِمَتْ نَفْسٌ مَا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھئائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھئائين
يَا أَيُّهَا الْإِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ
اي ماڻھو! تو کي تنھنجي (اُنھيءَ) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙيءَ شئي ٺڳيو؟
الَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّاكَ فَعَدَلَكَ
جنھن تو کي پيدا ڪيو، پوءِ تو کي سنئين لڱين ڪيائين، پوءِ تو کي برابر ڪيائين
فِي أَيِّ صُورَةٍ مَا شَاءَ رَكَّبَكَ
جھڙيءَ صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجي جوڙ جوڙيائين
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِالدِّينِ
ايئن نہ آھي، بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو

Choose other languages: