Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hujraat Ayahs #9 Translated in Sindhi

وَلَوْ أَنَّهُمْ صَبَرُوا حَتَّىٰ تَخْرُجَ إِلَيْهِمْ لَكَانَ خَيْرًا لَهُمْ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَحِيمٌ
۽ جيڪڏھن اُھي (ايستائين) صبر ڪن ھا جيستائين انھن ڏانھن ٻاھر اچين تہ انھن لاءِ ڀَلو ھُجي ھا ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِنْ جَاءَكُمْ فَاسِقٌ بِنَبَإٍ فَتَبَيَّنُوا أَنْ تُصِيبُوا قَوْمًا بِجَهَالَةٍ فَتُصْبِحُوا عَلَىٰ مَا فَعَلْتُمْ نَادِمِينَ
اي ايمان وارؤ! جيڪڏھن ڪو بدڪار ڪا خبر اوھان وٽ آڻي تہ جاچ ڪريو جو (متان) ڪنھن قوم کي بي خبريءَ سان نقصان پھچايو، پوءِ جيڪي اوھان ڪري چڪؤ، تنھن تي پشيمان ٿيو
وَاعْلَمُوا أَنَّ فِيكُمْ رَسُولَ اللَّهِ ۚ لَوْ يُطِيعُكُمْ فِي كَثِيرٍ مِنَ الْأَمْرِ لَعَنِتُّمْ وَلَٰكِنَّ اللَّهَ حَبَّبَ إِلَيْكُمُ الْإِيمَانَ وَزَيَّنَهُ فِي قُلُوبِكُمْ وَكَرَّهَ إِلَيْكُمُ الْكُفْرَ وَالْفُسُوقَ وَالْعِصْيَانَ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الرَّاشِدُونَ
۽ ڄاڻو تہ اوھان ۾ الله جو پيغمبر آھي، جيڪڏھن گھڻن ڪمن ۾ ھو اوھان جو چيو مڃيندو تہ (اوھين) ڏکيا ٿيندؤ، پر الله اوھان وٽ ايمان کي پيارو ڪرايو ۽ اوھان جي دلين ۾ اُن کي سينگاريائين ۽ اوھان وٽ ڪفر ۽ بي ديني ۽ گناھ کي ناپسند ڪرايائين، اِھي ئي سڌي رستي وارا آھن
فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَنِعْمَةً ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
وَإِنْ طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا ۖ فَإِنْ بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَىٰ فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّىٰ تَفِيءَ إِلَىٰ أَمْرِ اللَّهِ ۚ فَإِنْ فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَأَقْسِطُوا ۖ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻہ ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن تہ سندن وچ ۾ پرچاءُ ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (اِنھن) ٻنھي مان ھڪڙي (ٽولي) ٻي تي زيادتي ڪري تہ جيڪا (ٽولي) زيادتي ٿي ڪري، تنھن سان (اوھين ايستائين) وڙھو جيستائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي تہ سندن وچ ۾ انصاف سان پرچاءُ ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇو تہ الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي

Choose other languages: