Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #47 Translated in Sindhi

أَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ أَفَأَنْتَ تَكُونُ عَلَيْهِ وَكِيلًا
(اي پيغمبر! تو) اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجيءَ سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟
أَمْ تَحْسَبُ أَنَّ أَكْثَرَهُمْ يَسْمَعُونَ أَوْ يَعْقِلُونَ ۚ إِنْ هُمْ إِلَّا كَالْأَنْعَامِ ۖ بَلْ هُمْ أَضَلُّ سَبِيلًا
ڀانيو اٿئي ڇا تہ منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اُھي رڳو ڍورن وانگر آھن، بلڪ اُھي واٽ کي (جانورن کان بہ) وڌيڪ وڃائيندڙ آھن
أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَوْ شَاءَ لَجَعَلَهُ سَاكِنًا ثُمَّ جَعَلْنَا الشَّمْسَ عَلَيْهِ دَلِيلًا
(اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ ۽ جيڪڏھن گھري ھا تہ اُن کي (ھڪ ھنڌ) بيھاري ڇڏي ھا! وري سج کي مٿس (پنھنجيءَ قدرت جو) دليل ڪيوسون
ثُمَّ قَبَضْنَاهُ إِلَيْنَا قَبْضًا يَسِيرًا
وري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جيئن) سوڙھو ڪرڻ (گھرجي)
وَهُوَ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ لِبَاسًا وَالنَّوْمَ سُبَاتًا وَجَعَلَ النَّهَارَ نُشُورًا
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي ٽڙڻ پکڙڻ جو وقت ڪيائين

Choose other languages: