Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #45 Translated in Sindhi

وَإِذَا رَأَوْكَ إِنْ يَتَّخِذُونَكَ إِلَّا هُزُوًا أَهَٰذَا الَّذِي بَعَثَ اللَّهُ رَسُولًا
۽ جڏھن تو کي ڏسن ٿا، (تڏھن) تو کي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا (چون ٿا تہ) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي؟
إِنْ كَادَ لَيُضِلُّنَا عَنْ آلِهَتِنَا لَوْلَا أَنْ صَبَرْنَا عَلَيْهَا ۚ وَسَوْفَ يَعْلَمُونَ حِينَ يَرَوْنَ الْعَذَابَ مَنْ أَضَلُّ سَبِيلًا
بيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀُلائي ڇڏي ھا، جيڪڏھن اسين مٿن پڪا نہ رھون ھا ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا تہ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي؟
أَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَٰهَهُ هَوَاهُ أَفَأَنْتَ تَكُونُ عَلَيْهِ وَكِيلًا
(اي پيغمبر! تو) اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجيءَ سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟
أَمْ تَحْسَبُ أَنَّ أَكْثَرَهُمْ يَسْمَعُونَ أَوْ يَعْقِلُونَ ۚ إِنْ هُمْ إِلَّا كَالْأَنْعَامِ ۖ بَلْ هُمْ أَضَلُّ سَبِيلًا
ڀانيو اٿئي ڇا تہ منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اُھي رڳو ڍورن وانگر آھن، بلڪ اُھي واٽ کي (جانورن کان بہ) وڌيڪ وڃائيندڙ آھن
أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَوْ شَاءَ لَجَعَلَهُ سَاكِنًا ثُمَّ جَعَلْنَا الشَّمْسَ عَلَيْهِ دَلِيلًا
(اي پيغمبر!) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا تہ پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ ۽ جيڪڏھن گھري ھا تہ اُن کي (ھڪ ھنڌ) بيھاري ڇڏي ھا! وري سج کي مٿس (پنھنجيءَ قدرت جو) دليل ڪيوسون

Choose other languages: