Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #9 Translated in Sindhi

لِيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عِنْدَ اللَّهِ فَوْزًا عَظِيمًا
(آرام لاھڻ جي پڇاڙي ھيءَ آھي) تہ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري، جن جي ھيٺان نھرون پيون وھن، اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي
وَيُعَذِّبَ الْمُنَافِقِينَ وَالْمُنَافِقَاتِ وَالْمُشْرِكِينَ وَالْمُشْرِكَاتِ الظَّانِّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۚ عَلَيْهِمْ دَائِرَةُ السَّوْءِ ۖ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۖ وَسَاءَتْ مَصِيرًا
۽ (تہ) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله بابت تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، شال مصيبت مٿن ھجي! ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ (دوزخ) بڇڙو ھنڌ آھي
وَلِلَّهِ جُنُودُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
إِنَّا أَرْسَلْنَاكَ شَاهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذِيرًا
بيشڪ اسان تو کي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو
لِتُؤْمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَتُعَزِّرُوهُ وَتُوَقِّرُوهُ وَتُسَبِّحُوهُ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
تہ (اي مؤمنؤ!) اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عزت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو

Choose other languages: