Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #6 Translated in Sindhi

لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعْمَتَهُ عَلَيْكَ وَيَهْدِيَكَ صِرَاطًا مُسْتَقِيمًا
(فتح جو نتيجو ھيءُ آھي) تہ تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوئتي رھيا سي (سڀ) الله تو کي معاف ڪري ۽ تو تي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ تو کي سِڌي واٽ ڏيکاري
وَيَنْصُرَكَ اللَّهُ نَصْرًا عَزِيزًا
۽ الله زبردست سوڀ سان تو کي سوڀارو ڪري
هُوَ الَّذِي أَنْزَلَ السَّكِينَةَ فِي قُلُوبِ الْمُؤْمِنِينَ لِيَزْدَادُوا إِيمَانًا مَعَ إِيمَانِهِمْ ۗ وَلِلَّهِ جُنُودُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا
(الله) اُھو آھي، جنھن مؤمنن جي دلين ۾ سڪون نازل ڪيو تہ (اُنھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي
لِيُدْخِلَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا وَيُكَفِّرَ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ ۚ وَكَانَ ذَٰلِكَ عِنْدَ اللَّهِ فَوْزًا عَظِيمًا
(آرام لاھڻ جي پڇاڙي ھيءَ آھي) تہ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري، جن جي ھيٺان نھرون پيون وھن، اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي
وَيُعَذِّبَ الْمُنَافِقِينَ وَالْمُنَافِقَاتِ وَالْمُشْرِكِينَ وَالْمُشْرِكَاتِ الظَّانِّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوْءِ ۚ عَلَيْهِمْ دَائِرَةُ السَّوْءِ ۖ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَلَعَنَهُمْ وَأَعَدَّ لَهُمْ جَهَنَّمَ ۖ وَسَاءَتْ مَصِيرًا
۽ (تہ) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله بابت تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، شال مصيبت مٿن ھجي! ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ (دوزخ) بڇڙو ھنڌ آھي

Choose other languages: