Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Baqara Ayahs #33 Translated in Sindhi

هُوَ الَّذِي خَلَقَ لَكُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ اسْتَوَىٰ إِلَى السَّمَاءِ فَسَوَّاهُنَّ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ ۚ وَهُوَ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
اُھو (الله) آھي جنھن توھان (جي فائدي) لاءِ جيڪي (شيون) زمين ۾ آھن سي مڙيئي پيدا ڪيون، وري آسمان ڏانھن متوجہ ٿيو پوءِ انھن کي ست آسمان ڪري برابر بھاريائين، ۽ اُھو (الله) سڀ ڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھن
وَإِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَائِكَةِ إِنِّي جَاعِلٌ فِي الْأَرْضِ خَلِيفَةً ۖ قَالُوا أَتَجْعَلُ فِيهَا مَنْ يُفْسِدُ فِيهَا وَيَسْفِكُ الدِّمَاءَ وَنَحْنُ نُسَبِّحُ بِحَمْدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ ۖ قَالَ إِنِّي أَعْلَمُ مَا لَا تَعْلَمُونَ
۽ (اي پيغمبر!) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو تہ آءٌ زمين ۾ ھڪ نائب مقرر ڪرڻ وارو آھيان. (تڏھن) چيائون تہ (تون) منجھس اھڙي کي ڇو ٿو پيدا ڪرين؟ جو منجھس فساد ڪندو ۽ (ناحق) رت ھاريندو، ۽ اسين تنھنجي ساراھ سان (سندءِ) پاڪائي واکاڻيون ٿا ۽ تو کي پاڪ ڪري مڃيون ٿا، فرمايائين تہ جيڪي توھان نہ ڄاڻندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندو آھيان
وَعَلَّمَ آدَمَ الْأَسْمَاءَ كُلَّهَا ثُمَّ عَرَضَهُمْ عَلَى الْمَلَائِكَةِ فَقَالَ أَنْبِئُونِي بِأَسْمَاءِ هَٰؤُلَاءِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
۽ (الله) آدم کي سڀئي نالا سيکاريا وري اُھي (پڇا لاءِ) ملائڪن جي آڏو ڪيائين پوءِ فرمايائين تہ جيڪڏھن سچا آھيو تہ ھنن جا نالا ڏسيوم
قَالُوا سُبْحَانَكَ لَا عِلْمَ لَنَا إِلَّا مَا عَلَّمْتَنَا ۖ إِنَّكَ أَنْتَ الْعَلِيمُ الْحَكِيمُ
چيائون تہ تون پاڪ آھين جيڪي اسان کي ڄاڻايو اٿئي تنھن کان سواءِ اسان کي (ٻي) ڪا خبر نہ آھي ڇو تہ تون ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھين
قَالَ يَا آدَمُ أَنْبِئْهُمْ بِأَسْمَائِهِمْ ۖ فَلَمَّا أَنْبَأَهُمْ بِأَسْمَائِهِمْ قَالَ أَلَمْ أَقُلْ لَكُمْ إِنِّي أَعْلَمُ غَيْبَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَأَعْلَمُ مَا تُبْدُونَ وَمَا كُنْتُمْ تَكْتُمُونَ
(الله) چيو تہ آدم! انھن جا نالا کين ڏس پوءِ جڏھن کين انھن جا نالا ڏسيائين (تڏھن الله) چيو تہ اوھان کي نہ چيو ھوم ڇا؟ تہ آءٌ ئي آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھيان ۽ جيڪي ظاھر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو بہ ڄاڻندو آھيان

Choose other languages: