Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #90 Translated in Sindhi

وَلَا تَقْعُدُوا بِكُلِّ صِرَاطٍ تُوعِدُونَ وَتَصُدُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ مَنْ آمَنَ بِهِ وَتَبْغُونَهَا عِوَجًا ۚ وَاذْكُرُوا إِذْ كُنْتُمْ قَلِيلًا فَكَثَّرَكُمْ ۖ وَانْظُرُوا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِينَ
۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نہ ويھو تہ جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو تہ فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي
وَإِنْ كَانَ طَائِفَةٌ مِنْكُمْ آمَنُوا بِالَّذِي أُرْسِلْتُ بِهِ وَطَائِفَةٌ لَمْ يُؤْمِنُوا فَاصْبِرُوا حَتَّىٰ يَحْكُمَ اللَّهُ بَيْنَنَا ۚ وَهُوَ خَيْرُ الْحَاكِمِينَ
۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ اُنھيءَ کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نہ مڃيو آھي تہ (اوھان کي جڳائي تہ ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي
قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ اسْتَكْبَرُوا مِنْ قَوْمِهِ لَنُخْرِجَنَّكَ يَا شُعَيْبُ وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَكَ مِنْ قَرْيَتِنَا أَوْ لَتَعُودُنَّ فِي مِلَّتِنَا ۚ قَالَ أَوَلَوْ كُنَّا كَارِهِينَ
سندس قوم مان ھٺيلن سردارن (چٿي ڪري) چيو تہ اي شعيب تو کي ۽ جن تو کي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌينداسون يا تہ اوھين اسان جي ريت ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو تہ جيتوڻيڪ اسين اوھانجي دين کي برو ڀانئيندڙ آھيون (تہ بہ موٽنداسون ڇا)؟
قَدِ افْتَرَيْنَا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِنْ عُدْنَا فِي مِلَّتِكُمْ بَعْدَ إِذْ نَجَّانَا اللَّهُ مِنْهَا ۚ وَمَا يَكُونُ لَنَا أَنْ نَعُودَ فِيهَا إِلَّا أَنْ يَشَاءَ اللَّهُ رَبُّنَا ۚ وَسِعَ رَبُّنَا كُلَّ شَيْءٍ عِلْمًا ۚ عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلْنَا ۚ رَبَّنَا افْتَحْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ قَوْمِنَا بِالْحَقِّ وَأَنْتَ خَيْرُ الْفَاتِحِينَ
جيڪڏھن اسين اوھان جي ريت ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو، الله اسان کي کانئس ڇڏايو، موٽي اچون تہ بيشڪ الله تي ڪُوڙ مڙھيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نہ جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شين کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار! اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين
وَقَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ قَوْمِهِ لَئِنِ اتَّبَعْتُمْ شُعَيْبًا إِنَّكُمْ إِذًا لَخَاسِرُونَ
۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽولي (پنھنجي يارن کي) چيو تہ جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ تہ اوھين اُتي جو اُتي نقصان وارا ٿيندؤ

Choose other languages: