Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #191 Translated in Sindhi

يَسْأَلُونَكَ عَنِ السَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَاهَا ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِنْدَ رَبِّي ۖ لَا يُجَلِّيهَا لِوَقْتِهَا إِلَّا هُوَ ۚ ثَقُلَتْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ لَا تَأْتِيكُمْ إِلَّا بَغْتَةً ۗ يَسْأَلُونَكَ كَأَنَّكَ حَفِيٌّ عَنْهَا ۖ قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِنْدَ اللَّهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر!) تو کان قيامت بابت پُڇن ٿا تہ ڪھڙيءَ مھل اچڻي آھي، چئو تہ اُنھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نہ ڪندو، (اُن جي اچڻ جي مھل جي ڄاڻ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نہ ٿو سگھي)، اُھا تہ اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ايئن) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُن جي کوجنا ڪندڙ آھين، چئو تہ اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نہ آھي پر گھڻا ماڻھو نہ ڄاڻندا آھن
قُلْ لَا أَمْلِكُ لِنَفْسِي نَفْعًا وَلَا ضَرًّا إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ ۚ وَلَوْ كُنْتُ أَعْلَمُ الْغَيْبَ لَاسْتَكْثَرْتُ مِنَ الْخَيْرِ وَمَا مَسَّنِيَ السُّوءُ ۚ إِنْ أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
چئو تہ الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳجھ ڄاڻان ھا تہ گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نہ پھچي ھا، آءٌ تہ ان قوم لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان جيڪي مڃيندا آھن
هُوَ الَّذِي خَلَقَكُمْ مِنْ نَفْسٍ وَاحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا لِيَسْكُنَ إِلَيْهَا ۖ فَلَمَّا تَغَشَّاهَا حَمَلَتْ حَمْلًا خَفِيفًا فَمَرَّتْ بِهِ ۖ فَلَمَّا أَثْقَلَتْ دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُمَا لَئِنْ آتَيْتَنَا صَالِحًا لَنَكُونَنَّ مِنَ الشَّاكِرِينَ
اھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين تہ ساڻس سڪون وٺي، پوءِ جنھن مھل ساڻس ميلاپ ڪندو آھي تہ اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (تہ قسم آھي) تہ جيڪڏھن اسان کي صالح (ٻار) ڏيندين تہ ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون
فَلَمَّا آتَاهُمَا صَالِحًا جَعَلَا لَهُ شُرَكَاءَ فِيمَا آتَاهُمَا ۚ فَتَعَالَى اللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
پوءِ جنھن مھل انھن کي صالح (پٽ) ڏيندو آھي (تنھن مھل) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شئي کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله (جو شان) مٿاھون آھي
أَيُشْرِكُونَ مَا لَا يَخْلُقُ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
(ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن

Choose other languages: