Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #13 Translated in Sindhi

قُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِنَ الرُّسُلِ وَمَا أَدْرِي مَا يُفْعَلُ بِي وَلَا بِكُمْ ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ وَمَا أَنَا إِلَّا نَذِيرٌ مُبِينٌ
چئو تہ، آءٌ پيغمبرن مان ڪو نئون (آيل) نہ آھيان ۽ نٿو ڄاڻان تہ مون سان ۽ اوھان سان (دنيا ۾) ڇا ڪيو ويندو، جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي، تنھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن (ڳالھ) جي تابعداري نہ ڪندو آھي ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ وَكَفَرْتُمْ بِهِ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِنْ بَنِي إِسْرَائِيلَ عَلَىٰ مِثْلِهِ فَآمَنَ وَاسْتَكْبَرْتُمْ ۖ إِنَّ اللَّهَ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ
(کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي جيڪڏھن (اِھو قرآن) الله وٽان آيل آھي ۽ اوھين اُن کي نہ ٿا مڃيو ۽ بني اسرائيلن مان ھڪ شاھد اھڙي (ڪتاب) تي شاھدي ڏني ھجي، پوءِ اُنھيءَ ايمان آندو ۽ اوھان (مڃڻ کان) وڏائي ڪئي (تہ ضرور ظالم ٿيندؤ) بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَا سَبَقُونَا إِلَيْهِ ۚ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا بِهِ فَسَيَقُولُونَ هَٰذَا إِفْكٌ قَدِيمٌ
۽ ڪافرن مؤمنن بہ نسبت چيو تہ جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا تہ اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نہ ڪن ھا ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان ھدايت نہ لڌي تڏھن سگھو چوندا تہ ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي (جو ھليو ٿو اچي)
وَمِنْ قَبْلِهِ كِتَابُ مُوسَىٰ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ وَهَٰذَا كِتَابٌ مُصَدِّقٌ لِسَانًا عَرَبِيًّا لِيُنْذِرَ الَّذِينَ ظَلَمُوا وَبُشْرَىٰ لِلْمُحْسِنِينَ
۽ ھن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (دين ۾) راھنما ۽ رحمت ھو ۽ ھيءُ ڪتاب (ان جو) سچو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي، ھن لاءِ تہ ظالمن کي ڊيڄاري ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي
إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
بيشڪ جن چيو تہ اسان جو پالڻھار الله آھي، پوءِ اِن (چوڻ) تي مضبوط رھيا، تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نہ ڪي غمگين ھوندا

Choose other languages: