Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Ahqaf Ayahs #15 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَا سَبَقُونَا إِلَيْهِ ۚ وَإِذْ لَمْ يَهْتَدُوا بِهِ فَسَيَقُولُونَ هَٰذَا إِفْكٌ قَدِيمٌ
۽ ڪافرن مؤمنن بہ نسبت چيو تہ جيڪڏھن (اھو دين) چڱو ھجي ھا تہ اُھي اُن ڏانھن اسان کان اڳرائي نہ ڪن ھا ۽ جڏھن (ڪافرن) اُن سان ھدايت نہ لڌي تڏھن سگھو چوندا تہ ھيءُ (قرآن) ھڪ پراڻو ڪوڙ آھي (جو ھليو ٿو اچي)
وَمِنْ قَبْلِهِ كِتَابُ مُوسَىٰ إِمَامًا وَرَحْمَةً ۚ وَهَٰذَا كِتَابٌ مُصَدِّقٌ لِسَانًا عَرَبِيًّا لِيُنْذِرَ الَّذِينَ ظَلَمُوا وَبُشْرَىٰ لِلْمُحْسِنِينَ
۽ ھن (قرآن) کان اڳ موسىٰ جو ڪتاب (دين ۾) راھنما ۽ رحمت ھو ۽ ھيءُ ڪتاب (ان جو) سچو ڪندڙ عربيءَ ٻوليءَ ۾ آھي، ھن لاءِ تہ ظالمن کي ڊيڄاري ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏئي
إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
بيشڪ جن چيو تہ اسان جو پالڻھار الله آھي، پوءِ اِن (چوڻ) تي مضبوط رھيا، تن کي نڪو ڀَؤ آھي ۽ نہ ڪي غمگين ھوندا
أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْجَنَّةِ خَالِدِينَ فِيهَا جَزَاءً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
اِھي بھشتي آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، جيڪي ڪندا ھئا، تنھنجي بدلي ۾ (اھو بھشت ڏبو)
وَوَصَّيْنَا الْإِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ إِحْسَانًا ۖ حَمَلَتْهُ أُمُّهُ كُرْهًا وَوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۖ وَحَمْلُهُ وَفِصَالُهُ ثَلَاثُونَ شَهْرًا ۚ حَتَّىٰ إِذَا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ أَرْبَعِينَ سَنَةً قَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَىٰ وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَصْلِحْ لِي فِي ذُرِّيَّتِي ۖ إِنِّي تُبْتُ إِلَيْكَ وَإِنِّي مِنَ الْمُسْلِمِينَ
۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سندس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ (گھٽ ۾ گھٽ) اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جوانيءَ کي پُھتو ۽ چاليھن ورھين کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي تہ اي منھنجا پالڻھار! مون کي توفيق ڏي تہ تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان، جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ تہ (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ تو ڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان

Choose other languages: