Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #27 Translated in Sindhi

فَوَرَبِّ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثْلَ مَا أَنَّكُمْ تَنْطِقُونَ
پوءِ آسمان ۽ زمين جي رب جو قسم آھي تہ اھا خبر سچي آھي، جھڙيءَ طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو
هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَاهِيمَ الْمُكْرَمِينَ
اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نہ) آئي آھي ڇا؟
إِذْ دَخَلُوا عَلَيْهِ فَقَالُوا سَلَامًا ۖ قَالَ سَلَامٌ قَوْمٌ مُنْكَرُونَ
جڏھن اُھي وٽس آيا، تڏھن سلام چيائون، ھن (بہ جواب ۾) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين تہ ھي) اوپرا ماڻھو آھن
فَرَاغَ إِلَىٰ أَهْلِهِ فَجَاءَ بِعِجْلٍ سَمِينٍ
پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين
فَقَرَّبَهُ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
پوءِ اُھو انھن کي ويجھو ڪيائين، چيائين تہ ڇو نہ ٿا کائو؟

Choose other languages: