Quran Apps in many lanuages:

Surah Adh-Dhariyat Ayahs #23 Translated in Sindhi

وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ
۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نہ سوال ڪندڙ مُحتاج (ٻنھي) جو حصو (ٺھرايل) ھو
وَفِي الْأَرْضِ آيَاتٌ لِلْمُوقِنِينَ
۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ (گھڻيون) نشانيون آھن
وَفِي أَنْفُسِكُمْ ۚ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
۽ اوھان جي وجودن ۾ بہ، پوءِ اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا؟
وَفِي السَّمَاءِ رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ
۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (بہ) جنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو
فَوَرَبِّ السَّمَاءِ وَالْأَرْضِ إِنَّهُ لَحَقٌّ مِثْلَ مَا أَنَّكُمْ تَنْطِقُونَ
پوءِ آسمان ۽ زمين جي رب جو قسم آھي تہ اھا خبر سچي آھي، جھڙيءَ طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو

Choose other languages: