Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #15 Translated in Sindhi

وَلَوْ يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَهُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ إِلَيْهِمْ أَجَلُهُمْ ۖ فَنَذَرُ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا فِي طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُونَ
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو ھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن تہ سندن (مقرر ٿيل) مدت اُنھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون
وَإِذَا مَسَّ الْإِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْبِهِ أَوْ قَاعِدًا أَوْ قَائِمًا فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَنْ لَمْ يَدْعُنَا إِلَىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ ۚ كَذَٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِينَ مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ جنھن مھل ماڻھو کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تنھن مھل) پنھنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (تنھن مھل اَھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نہ ھئائين، اَھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي
وَلَقَدْ أَهْلَكْنَا الْقُرُونَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوا ۙ وَجَاءَتْهُمْ رُسُلُهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ وَمَا كَانُوا لِيُؤْمِنُوا ۚ كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِينَ
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻين) قومن جڏھن ظلم ڪيو تڏھن (کين) ھلاڪ ڪيو اَٿؤن ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نہ ھئا جو ايمان آڻين، اھڙيءَ طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون
ثُمَّ جَعَلْنَاكُمْ خَلَائِفَ فِي الْأَرْضِ مِنْ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُونَ
وري کانئن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندن جڳھن تي وھاريوسون تہ ڏسون تہ اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ آيَاتُنَا بَيِّنَاتٍ ۙ قَالَ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا ائْتِ بِقُرْآنٍ غَيْرِ هَٰذَا أَوْ بَدِّلْهُ ۚ قُلْ مَا يَكُونُ لِي أَنْ أُبَدِّلَهُ مِنْ تِلْقَاءِ نَفْسِي ۖ إِنْ أَتَّبِعُ إِلَّا مَا يُوحَىٰ إِلَيَّ ۖ إِنِّي أَخَافُ إِنْ عَصَيْتُ رَبِّي عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ
۽ جڏھن اسان جون چِٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن سي چوندا آھن تہ ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ،

Choose other languages: