Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #61 Translated in Sindhi

لَهُمْ فِيهَا فَاكِهَةٌ وَلَهُمْ مَا يَدَّعُونَ
اُنھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) اُنھن لاءِ آھي
سَلَامٌ قَوْلًا مِنْ رَبٍّ رَحِيمٍ
چيو ويندو تہ، پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي
وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أَيُّهَا الْمُجْرِمُونَ
۽ (چونداسون تہ) اي گنھگارؤ! اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو
أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَا بَنِي آدَمَ أَنْ لَا تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ ۖ إِنَّهُ لَكُمْ عَدُوٌّ مُبِينٌ
اي آدم جا اولاد! اوھان ڏانھن پيغام نہ موڪليو ھئم ڇا تہ، شيطان کي نہ پوڄجو، جو بيشڪ اُھو اوھان جو پڌرو ويري آھي
وَأَنِ اعْبُدُونِي ۚ هَٰذَا صِرَاطٌ مُسْتَقِيمٌ
۽ تہ منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي

Choose other languages: