Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #25 Translated in Sindhi

اتَّبِعُوا مَنْ لَا يَسْأَلُكُمْ أَجْرًا وَهُمْ مُهْتَدُونَ
(اوھين) اُنھن جي تابعداري ڪريو، جيڪي اوھان کان اُجورو نہ گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن
وَمَا لِيَ لَا أَعْبُدُ الَّذِي فَطَرَنِي وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو اُنھيءَ (الله) جي عبادت نہ ڪريان، جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين بہ) ڏانھس موٽايا ويندؤ
أَأَتَّخِذُ مِنْ دُونِهِ آلِهَةً إِنْ يُرِدْنِ الرَّحْمَٰنُ بِضُرٍّ لَا تُغْنِ عَنِّي شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا وَلَا يُنْقِذُونِ
اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري تہ اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (بہ ڏک) نہ ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا
إِنِّي إِذًا لَفِي ضَلَالٍ مُبِينٍ
(جي ايئن ڪندس تہ) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌريءَ گمراھيءَ ۾ ھوندس
إِنِّي آمَنْتُ بِرَبِّكُمْ فَاسْمَعُونِ
بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو

Choose other languages: