Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #135 Translated in Sindhi

وَأْمُرْ أَهْلَكَ بِالصَّلَاةِ وَاصْطَبِرْ عَلَيْهَا ۖ لَا نَسْأَلُكَ رِزْقًا ۖ نَحْنُ نَرْزُقُكَ ۗ وَالْعَاقِبَةُ لِلتَّقْوَىٰ
۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نہ گھرندا آھيون، اسين تو کي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي
وَقَالُوا لَوْلَا يَأْتِينَا بِآيَةٍ مِنْ رَبِّهِ ۚ أَوَلَمْ تَأْتِهِمْ بَيِّنَةُ مَا فِي الصُّحُفِ الْأُولَىٰ
۽ چون ٿا تہ اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇو نہ آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي سي نشانيون وٽن نہ آيون آھن ڇا؟
وَلَوْ أَنَّا أَهْلَكْنَاهُمْ بِعَذَابٍ مِنْ قَبْلِهِ لَقَالُوا رَبَّنَا لَوْلَا أَرْسَلْتَ إِلَيْنَا رَسُولًا فَنَتَّبِعَ آيَاتِكَ مِنْ قَبْلِ أَنْ نَذِلَّ وَنَخْزَىٰ
۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا تہ ضرور چون ھا تہ اي اسانجا پالڻھار! اسان ڏانھن پيغمبر ڇو نہ موڪليئي تہ پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا!
قُلْ كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصُوا ۖ فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ أَصْحَابُ الصِّرَاطِ السَّوِيِّ وَمَنِ اهْتَدَىٰ
(اي پيغمبر!) چئو تہ سڀ ڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين بہ) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ تہ سڌيءَ واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟

Choose other languages: