Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #54 Translated in Sindhi

قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرْتُمْ بِهِ مَنْ أَضَلُّ مِمَّنْ هُوَ فِي شِقَاقٍ بَعِيدٍ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ اوھين ڏسو تہ جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو تہ جيڪو وڏي ضِد ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
سَنُرِيهِمْ آيَاتِنَا فِي الْآفَاقِ وَفِي أَنْفُسِهِمْ حَتَّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُمْ أَنَّهُ الْحَقُّ ۗ أَوَلَمْ يَكْفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ
پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون، تان جو کين پڌرو ٿيندو تہ بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نہ آھي ڇا، جيڪو سڀڪنھن شئي تي حاضر آھي؟
أَلَا إِنَّهُمْ فِي مِرْيَةٍ مِنْ لِقَاءِ رَبِّهِمْ ۗ أَلَا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ مُحِيطٌ
خبردار! بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار! اُھو ھر ڪنھن شئي کي وڪوڙيندڙ آھي

Choose other languages: