Quran Apps in many lanuages:

Surah Fussilat Ayahs #27 Translated in Sindhi

وَذَٰلِكُمْ ظَنُّكُمُ الَّذِي ظَنَنْتُمْ بِرَبِّكُمْ أَرْدَاكُمْ فَأَصْبَحْتُمْ مِنَ الْخَاسِرِينَ
۽ اوھان جو اُھو گمان، جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھيوَ، تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو، تنھنڪري (اڄ) ٽوٽي وارن مان ٿيؤ
فَإِنْ يَصْبِرُوا فَالنَّارُ مَثْوًى لَهُمْ ۖ وَإِنْ يَسْتَعْتِبُوا فَمَا هُمْ مِنَ الْمُعْتَبِينَ
پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا تہ (بہ) اُنھن جي جاءِ باھ آھي ۽ جيڪڏھن معافي گھرندا تہ (بہ) اُنھن کي معافي نہ ملندي
وَقَيَّضْنَا لَهُمْ قُرَنَاءَ فَزَيَّنُوا لَهُمْ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَحَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِي أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا خَاسِرِينَ
۽ اُنھن لاءِ (شيطان) سنگتي مقرر ڪياسون، پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي، تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (اِنھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي، جيڪي کانئن اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن بيشڪ اُھي سڀ ٽوٽي وارا ھئا
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَسْمَعُوا لِهَٰذَا الْقُرْآنِ وَالْغَوْا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَغْلِبُونَ
۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو تہ ھن قرآن کي نہ ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ) ۾ لُڙ مچايو تہ منَ اوھين غالب ٿيو
فَلَنُذِيقَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا عَذَابًا شَدِيدًا وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَسْوَأَ الَّذِي كَانُوا يَعْمَلُونَ
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا (جو مزو) چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھئا، تنھن جو بدلو کين ضرور ڏينداسون

Choose other languages: