Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #59 Translated in Sindhi

وَيَوْمَ تَقُومُ السَّاعَةُ يُقْسِمُ الْمُجْرِمُونَ مَا لَبِثُوا غَيْرَ سَاعَةٍ ۚ كَذَٰلِكَ كَانُوا يُؤْفَكُونَ
۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) گنھگار قسم کڻندا تہ (دنيا ۾) ھڪ گھڙيءَ کانسواءِ (وڌيڪ) نہ رھيا ھئا (سون)، اھڙيءَ طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھئا
وَقَالَ الَّذِينَ أُوتُوا الْعِلْمَ وَالْإِيمَانَ لَقَدْ لَبِثْتُمْ فِي كِتَابِ اللَّهِ إِلَىٰ يَوْمِ الْبَعْثِ ۖ فَهَٰذَا يَوْمُ الْبَعْثِ وَلَٰكِنَّكُمْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي، سي کين چوندا تہ الله جي ڪتاب ۾ لکئي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھيءُ جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي، پر اوھين نہ ڄاڻندا ھيؤ
فَيَوْمَئِذٍ لَا يَنْفَعُ الَّذِينَ ظَلَمُوا مَعْذِرَتُهُمْ وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نہ ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبھ طلب ڪبي
وَلَقَدْ ضَرَبْنَا لِلنَّاسِ فِي هَٰذَا الْقُرْآنِ مِنْ كُلِّ مَثَلٍ ۚ وَلَئِنْ جِئْتَهُمْ بِآيَةٍ لَيَقُولَنَّ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا مُبْطِلُونَ
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين تہ ڪافر ضرور چوندا تہ اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو
كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ اللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ الَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ
اھڙيءَ طرح جيڪي نہ ڄاڻندا آھن، تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي

Choose other languages: