Quran Apps in many lanuages:

Surah Ar-Rum Ayahs #27 Translated in Sindhi

وَمِنْ آيَاتِهِ مَنَامُكُمْ بِاللَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَابْتِغَاؤُكُمْ مِنْ فَضْلِهِ ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يَسْمَعُونَ
۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي (ڪن لائي) ٻڌندا آھن
وَمِنْ آيَاتِهِ يُرِيكُمُ الْبَرْقَ خَوْفًا وَطَمَعًا وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّمَاءِ مَاءً فَيُحْيِي بِهِ الْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا ۚ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَاتٍ لِقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
۽ سندس نشانين مان (ھيءُ بہ) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن، جيڪي سمجھ رکندا آھن
وَمِنْ آيَاتِهِ أَنْ تَقُومَ السَّمَاءُ وَالْأَرْضُ بِأَمْرِهِ ۚ ثُمَّ إِذَا دَعَاكُمْ دَعْوَةً مِنَ الْأَرْضِ إِذَا أَنْتُمْ تَخْرُجُونَ
۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيو ويندو، (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ
وَلَهُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۖ كُلٌّ لَهُ قَانِتُونَ
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن
وَهُوَ الَّذِي يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ وَهُوَ أَهْوَنُ عَلَيْهِ ۚ وَلَهُ الْمَثَلُ الْأَعْلَىٰ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ
۽ اُھوئي آھي، جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي، وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو مٿس بلڪل سھنجو آھي ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي

Choose other languages: