Quran Apps in many lanuages:

Surah An-Nahl Ayahs #54 Translated in Sindhi

يَخَافُونَ رَبَّهُمْ مِنْ فَوْقِهِمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ ۩
(ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان آھي ۽ جيڪو حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن
وَقَالَ اللَّهُ لَا تَتَّخِذُوا إِلَٰهَيْنِ اثْنَيْنِ ۖ إِنَّمَا هُوَ إِلَٰهٌ وَاحِدٌ ۖ فَإِيَّايَ فَارْهَبُونِ
۽ الله فرمايو آھي تہ اوھين ٻہ خدا ڪري نہ وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبہ عبادت جو لائق نہ آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو
وَلَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَهُ الدِّينُ وَاصِبًا ۚ أَفَغَيْرَ اللَّهِ تَتَّقُونَ
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟
وَمَا بِكُمْ مِنْ نِعْمَةٍ فَمِنَ اللَّهِ ۖ ثُمَّ إِذَا مَسَّكُمُ الضُّرُّ فَإِلَيْهِ تَجْأَرُونَ
۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي، پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي تہ ڏانھس دانھون ڪندا آھيو
ثُمَّ إِذَا كَشَفَ الضُّرَّ عَنْكُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِنْكُمْ بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ
وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مقرر ڪندي آھي

Choose other languages: