Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qalam Ayahs #52 Translated in Sindhi

فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُنْ كَصَاحِبِ الْحُوتِ إِذْ نَادَىٰ وَهُوَ مَكْظُومٌ
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نہ ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو
لَوْلَا أَنْ تَدَارَكَهُ نِعْمَةٌ مِنْ رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالْعَرَاءِ وَهُوَ مَذْمُومٌ
(تڏھن) جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نہ پھچي ھا تہ ضرور رڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا
فَاجْتَبَاهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصَّالِحِينَ
پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس
وَإِنْ يَكَادُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَيُزْلِقُونَكَ بِأَبْصَارِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا الذِّكْرَ وَيَقُولُونَ إِنَّهُ لَمَجْنُونٌ
۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) تو کي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي ھوندا آھن ۽ چوندا آھن تہ بيشڪ ھيءُ (پيغمبر) چريو آھي
وَمَا هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِلْعَالَمِينَ
۽ (حقيقت ۾) ھيءُ (قرآن) تہ جھانن لاءِ نصيحت آھي

Choose other languages: