Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qalam Ayahs #46 Translated in Sindhi

يَوْمَ يُكْشَفُ عَنْ سَاقٍ وَيُدْعَوْنَ إِلَى السُّجُودِ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ
جنھن ڏينھن (قيامت ۾) پنيءَ جي تجلي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ (سجدو) ڏيئي نہ سگھندا
خَاشِعَةً أَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۖ وَقَدْ كَانُوا يُدْعَوْنَ إِلَى السُّجُودِ وَهُمْ سَالِمُونَ
اُنھن جون اکيون جھڪيون ھونديون (۽) کين خواري وٺي ويندي ۽ بيشڪ اُنھن کي (دنيا ۾) سجدي ڏانھن سڏبو ھو، حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (بہ) ھئا
فَذَرْنِي وَمَنْ يُكَذِّبُ بِهَٰذَا الْحَدِيثِ ۖ سَنَسْتَدْرِجُهُمْ مِنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ
پوءِ (اي پيغمبر!) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون، جتان اُھي نہ ڄاڻندا آھن
وَأُمْلِي لَهُمْ ۚ إِنَّ كَيْدِي مَتِينٌ
۽ انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، ڇو تہ منھنجي رٿ پڪي آھي
أَمْ تَسْأَلُهُمْ أَجْرًا فَهُمْ مِنْ مَغْرَمٍ مُثْقَلُونَ
(تون) اِنھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا؟ جنھنڪري (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن

Choose other languages: